سنت مهر بخش

سنت مهر بخش: هالاڻي درٻار ۾ ڪيترائي الله لوڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، جن مان مهر بخش پڻ هڪ هو. مهر بخش جو جنم سنه 1825ع ۾ ڳوٺ ڏيئن تعلقي ڪنڊياري جي هڪ هندو تِلوڪچند جي گهر ۾ ٿيو. هوش سنڀالڻ کانپوءِ مهر بخش هالاڻي جي درٻار ۾ وڃڻ شروع ڪيو، جتي هو سنتن جي خدمت ڪندو هو. درٻار طرفان کيس پڙهڻ لاءِ ڪاشيءَ موڪليو ويو، جتي هن هندي ۽ سنسڪرت پڙهي، ان کانسواءِ ويدن ۽ شاسترن جو پڻ اڀياس ڪيو. بعد ۾ هالاڻي آيو، جتي سنت گربخش جي وفات کانپوءِ کيس گادي نشين بنايو ويو. سنت مهر بخش هالاڻي جي درٻار کي امرتسر جي سوني درٻار جي ڊزائين تي تيار ڪرايو. هن جي وقت ۾ درٻار اندر سون جي سنگ ۾ پاٺ ۽ پوڄا ٿيندي هئي. سنت مهر بخش هالاڻي جي درٻار کي اوج تي آندو. 1898ع تي هن سنت وصال ڪيو. کانئس پوءِ گادي تي بابا گُرداس صاحب ويٺو.


لفظ سنت مهر بخشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو